بهادر ٽالپر

بهادر ٽالپر

بهادر ٽالپر

بهادر ٽالپر: شاعر ۽ اديب مير بهادر ٽالپر، 2 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس والد مبارڪ خان ٽالپر به وقت جو سٺو شاعر هو. مير بهادر ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، ڊگهڙي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، انٽر ۽ ايم. اي ماتليءَ جي ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيائين. هن اسڪائوٽنگ ۽ ٽائپنگ جو ڪورس به ڪيو. هن 1994ع کان لکڻ جو آغاز ڪيو ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو آهي. هن ڳوٺ ۾سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. 2010ع وارين چونڊن ۾ هيءُ سنڌي ادبي سنگت ضلعي بدين جو رابطا سيڪريٽري به چونڊيو ويو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هن ڳوٺ ۾ نوجوانن لاءِ ’مير مبارڪ ٽالپر آرٽ ۽ ڪلچرل ڪلب‘ قائم ڪيو آهي. ادبي سنگت جي شاخ طرفان هن سلسليوار ’ڪائنات‘ پبليڪيشن جا 13 پرچا شايع ڪرايا. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ’زندگيءَ جو رستو‘ (2008ع) ۽ ’سوچن جي سانوڻيءَ ۾‘ (2015ع) شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ پنهنجي والد مير مبارڪ ٽالپر جو شعري مجموعو ’سرواڻ سويري ويا‘ ترتيب ڏنو اٿس.


لفظ بهادر ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.07.02  عيسوي

شاعر ۽ اديب مير بهادر ٽالپر، 2 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي، ضلعي بدين ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد شاهه محمد شاهه
ڄيٺواڻي هريڪانت
رزاق سروهي
صاحب سنگهه بولسنگهه
درشهوار سيد ڊاڪٽر
عباسي محمد عثمان چنيهه
خانائي حامد علي قريشي
ڪاشف حسين سومرو
سليمان شيخ ڊاڪٽر
سلطان حيدر مرزا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون